ڊويزنل پبلڪ لائبرري

ڊويزنل پبلڪ لائبرري (خيرپور ميرس): ڊويزنل پبلڪ لائبرري، خيرپور شهر جي هڪ عوامي لائبرري آهي. هن لائبرري ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخي ڄاڻ ۽ مختلف ٻولين ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. هيءَ لائبرري 1893ع ۾ ’فيض محل‘ لائبرريءَ جي نالي سان قائم ٿي. بعد ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ’رياست‘ کي ختم ڪيو ويو ته هن لائبرريءَ کي صوبائي تعليم کاتي جي حوالي ڪيو ويو. هن لائبرريءَ ۾ هزارين قيمتي ڪتاب هئا. شاهه لطيف جي رسالي جو بمبئي وارو ڇاپو به هن لائبرريءَ ۾ موجود هو، جيڪو سيد حيدر علي شاهه جي لائبرريءَ مان سيد صالح شاهه هن لائبرري کي تحفي طور ڏنو هو. ان کان سواءِ شاهه جي رسالي جا سمورا رسالا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين جا مرتب ڪيل ڪيترائي نسخا موجود آهن. سچل سائينءَ جو هٿ سان لکيل ’رسالو‘ قلمي نسخو به هن لائبرريءَ ۾ موجود هو.
مشتاق احمد گاد موجب: ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ اڍائي سو ڪتاب، محمد علي مراد ڏيڍ سؤ ڪتاب، خدا بخش سنديلي ڏهن هزار روپين جا انگريزي ڪتاب، هڪ ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو نسخو (شاهه جو رسالو) ۽ هڪ ڪٻٽ به هن لائبرريءَ کي تحفي طور ڏنا هئا. 1912ع ۾ ڪلڪتي مان هفتيوار رسالو ’الهلال‘ شروع ٿيو هو. ان جا پرچا ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي جاري ٿيندڙ رسالي ’تهذيب اخلاق‘ جا پرچا پڻ هن لائبرريءَ ۾ موجود هئا. قرآن پاڪ جا ڪيترائي قديم قلمي نسخا هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن.
انهيءَ کان سواءِ مغل خاندان جي گھريلو حالتن تي لکيل ڪتاب تذڪره عالم، ٺارو شاهه جي ’مولانا دين محمد مغل‘ جو هٿ سان لکيل قرآن پاڪ ۽ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ ان کان علاوه ’مير علي نواز ناز‘ جو لکيل عهد نامو پڻ هن لائبرريءَ ۾ موجود آهي. مير علي مراد خان به هن لائبرريءَ کي 15 سو قلمي نسخا ڏنا هئا، جيڪي مير صاحب، حيدرآباد دکن جي حڪيم ’مطفر‘ کان ورتا هئا. سنڌ جي هيءَ وڏي ۾ وڏي لائبرري گھڻي وقت کان سمورين سهوليتن جو مرڪز ۽ قابلِ فخر ڪتب خانو رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو